ٽلٽي پتڻ

ٽلٽي پتڻ: ٽلٽي اڳاٽي وقت ۾ وڏو درياهي پتڻ هو. سمن جي دورِ حڪومت ۾ ٽلٽي واپاري شهر هو، ان ڪري آسپاس جو سڄو واپار هن درياهي پتڻ تان ٿيندو هو. شاهه بيگ ارغون جي دور ۾ ٽلٽيءَ ۾ ٻه جنگيون لڳيون. جنهن لاءِ شاهه بيگ ارغون فوج وٺي ٻيڙين رستي ٽلٽي پتڻ تي پهتو هو.


لفظ ٽلٽي پتڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو